باقيات از احوال ڪلهوڙه

باقيات از احوال ڪلهوڙه (ڪتاب ): فارسي ٻوليءَ جو هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي محنت سان ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حدن بابت متفرقه مواد ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ميان نورمحمد جي هڪ وڌيڪ تاليف، غلام شاهه جي دور ۾ جدا جدا پرڳڻن جي پيدائش ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي اولاد مان ميان محمد ڪلهوڙي جي، ڪمپني سرڪار کي حڪومت جي واپسيءَ لاءِ ڏنل درخواست ۽ ڪي ٻيا عنوان شامل آهن. هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو، سال 1994ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو